ديوي ناگراڻي

ديوي ناگراڻي

ديوي ناگراڻي

ديوي ناگراڻي: سنڌ ۽ هند جي سنڌي ادب جي هندي ترجمي نگار ديوي ناگراڻي، بنيادي طور سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ جي شاعره آهي. ساڳئي وقت سنڌي ۽ هندي ٻولين جي ادب جي هڪ مڃيل ترجمي نگار پڻ آهي. هوءَ سنڌي، هندي ۽ انگريزي کان سواءِ تيلگو، مرهٽي ۽ اردو ٻولين ۾ پڻ مهارت رکي ٿي. ديوي ناگراڻي 11 مئي 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي. ورهاڱي سبب سندس ڪٽنب لڏي وڃي بمبئيءَ ۾ رهيو. هن بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾ هن آمريڪا جي ‘نيو جَرسي سِٽي يونيورسٽيءَ’ مان مئٿميٽڪس ۾ ڊگري ورتي. هن ٽيچر جي نوڪريءَ تان رٽائر ٿي پنهنجو سڄو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. هوءَ تيزيءَ سان لکندي رهي آهي. هن جي سنڌي غزلن جو پهريون مجموعو ‘غم ڀنل خوشي’ 2004ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ سندس ٻه ڪتاب ‘چراغ دل’ (هندي غزلن جو مجموعو) ۽ ‘اڏر پکيئڙا’ (سنڌي ڀڄنن جو مجموعو: 2007ع) ڇپيل آهن. سندس سنڌي غزلن جو مجموعو ‘آس جي شمع’ ۽ هندي غزلن جو مجموعو ‘دل سي دل تڪ’ 2008ع ۾ شايع ٿيا. انگريزي شاعريءَ جو هڪ مجموعو The Jounrey 2009ع ۾، هندي غزلن جو مجموعو ‘لهو درد دل ڪا’ 2010ع ۾، ڀڄنن جو مجموعو ‘ڀڄن ماهيما’ ۽ سنڌي غزلن جو مجموعو ‘غزل’ 2012ع ۾ شايع ٿيا. هن هند ۽ سنڌ جي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جا هنديءَ ۾ ترجما ۽ هندي ڪهاڻين جا سنڌي زبان ۾ ترجما پڻ ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ سندس پهريون ڪتاب ‘اور مين بدل گئي’ 2012ع ۾ شايع ٿيو. ساڳئي سال سندس ٻيو ڪتاب ‘بارش جي دعا’ ڇپيو، جنهن ۾ هندي زبان جي ڪهاڻين جا سنڌي ۾ ترجما ٿيل آهن. هندي ڪهاڻين جي ترجمي جو ڪتاب ‘پنهنجي ڌرتي’ 2013ع ۾ ۽ هندي شاعريءَ جو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ‘روماني روح جا پانڌيئڙا’ جي نالي سان 2014ع ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو. ساڳئي سال سنڌي ڪهاڻين جو هندي ترجمو ‘سنڌي ڪهانيان’ نالي سان پڻ ڇپيو. سندس تازو ‘پندره سنڌي ڪهانيان’ ڪتاب شايع ٿيو آهي. ديوي ناگراڻيءَ کي سنڌيءَ کان سواءِ هندي ٻوليءَ تي به عبور حاصل آهي. سندس ڪتاب ‘سرحدون ڪي ڪهانيان’، سنڌي شاعريءَ جو هنديءَ ۾ ترجمو ‘ڀاشائي سوندريا ڪي پگڊنڊيان’، سنڌي ڪهاڻين جو هندي ترجمو ‘مائي باپ اور سندهي ڪهانيان’، اردو، بلوچي، مرهٽي، انگريزي، پنجابي ۽ ڪجهه ٻين ٻولين جي ڪهاڻين جو هندي ترجمو ‘پرانت پرانت ڪي ڪهانيان’ وغيره ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن.
ديوي ناگراڻيءَ کي سندس ان محنت ۽ جاکوڙ واري ڪم تي ڪيترا اوارڊ ۽ سنمان ملي چڪا آهن، جن جو تعداد 20 کان وڌيڪ آهي، ‘نينشل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگيج’ (NCPCL) طرفان سندس ڪتاب ‘اڏر پکيئڙا’ تي کيس 2009ع ۾ اوارڊ ڏنو ويو.
ديوي ناگراڻيءَ جا گهر ممبئي ۽ آمريڪا ۾ آهن، پر هوءَ جتي به هجي، سندس تخليق ۽ ترجمي جو ڪم هر هنڌ جاري هوندو آهي.


لفظ ديوي ناگراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو